علي بخش احمدزئي

علي بخش احمدزئي: مشهور صحافي علي بخش احمدزئي، 1910ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد احمدزئي خاندان جو چڱو مڙس هو ۽ ٽالپرن جي دور ۾ کيس انعام طور حيدرآباد ۾ ڪافي جائداد مليل هئي. علي بخش سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ بعد پريس سان لاڳاپجي ويو. هن پريس لائين ۾ سموري فني تربيت ۽ سکيا حاصل ڪئي. علي بخش خاڪسار تحريڪ ۾ شريڪ ٿي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان دوران علي احمد ٽالپر ۽ مير الهه بخش ٽالپر سان گڏ ڪم ڪيائين. تحريڪ جي سلسلي ۾ علامه مشرقيءَ جي هدايت تي بمبئي پڻ ويو. عـلي بخـش ‘خـاڪسار تحريڪ’ پاران نڪرندڙ روزاني اخبار ‘باب السلام’ جو ڪافي عرصو ايڊيٽر رهيو. علامه مشرقيءَ جون ڪيتريون ئي تقريرون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. تحريڪ جي خاتمي تائين ان سان سلهاڙيل رهيو. ورهاڱي کان اڳ روزاني اخبار ‘آفتاب’ جو ايڊيٽر رهيو. 1952ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي حيدرآباد ۾ پريس قائم ٿي ته محمد ابراهيم جويي جي چوڻ تي ادبي بورڊ سان لاڳاپجي ويو ۽ پريس مئنيجر مقرر ٿيو. 1952ع کان وفات تائين بورڊ جي پريس سان لاڳاپيل رهيو. ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي ۾ سندس خدمتون قابل ذڪر آهن.
شاعريءَ سان به دلچسپي رهي. شاعريءَ ۾ ‘رضا’ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪيترو ئي ڪلام ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو. علي بخش 25 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ٽنڊي آغا جي اباڻي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو